جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر

جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر

جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر

جتوئي، عبدالغفار، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي پاڪستان ۾ اوپن هارٽ سرجريءَ جو باني ليکيو وڃي ٿو. دل جي سرجريءَ جو اسپيشلسٽ پروفيسر رهيو آهي، هو ضلعي نوشهروفيرز جي ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ 28 جولاءِ 1937ع ۾ ڄائو. هي ملڪ جي نامور سياستدان ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي. پنهنجي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن لياقت ڪاليج ڄامشوري مان ايم. بي. ايس. ايس پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين، جتان پوءِ سرجريءَ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو، جتان هن رايل ڪاليج آف سرجنس مان 1967ع FRCC ڪئي ۽ 1973ع ۾ آمريڪين ڪاليج آف ڪارڊيالاجي مان FACC جو امتحان ڏنو. ان کانسواءِ هيوسٽن مان ڪارڊيو وسڪيولر سرجريءَ ۾ اسپيشلائيزيشن ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي پرڏيهه کان واپسيءَ بعد ڪراچي جي ڪلفٽن روڊ تي هڪ شاندار ميڊيڪل اسپتال ”مڊ ايسٽ ميڊيڪل سينٽر“ جي نالي سان 1976ع ۾ قائم ڪئي، جنهن جو افتتاح ان وقت پاڪستان جي صدر چوڌري فضل الاهي صاحب ڪيو. هن اسپتال ۾ ملڪ جي نامور ڊاڪٽرن ڪم ڪيو. اهو ادارو ٽيهن سالن تائين قوم جي خدمت ڪندو رهيو. کيس محنت، قابليت ۽ اوپن هارٽ سرجريءَ جي بانيڪار هئڻ ۽ ان شعبي ۾ خدمتن عيوض ’سوسائٽي آف ڪارڊيو وسڪيولر ۽ ٿوريڪ سرجن آف پاڪستان‘ 1993ع ۾ گولڊ ميڊل اوارڊ سان نوازيو ويو. 1972ع کان وٺي هو پاڪستان ڪارڊڪ سوسائٽي جو ميمبر رهيو آهي. ڊاڪٽـر عبـدالغفار جتـوئي ميـڊيڪـل جـي شعبـي کان سـواءِ زراعت ۽ سيـاست ۾ به دلچسپي وٺنـدو رهيو آهي. هو 1991ع ۾ نيشـنل پيپلـز پارٽيءَ جي ميدان تان ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو ۽ سينيٽ جي ڪيترين ئي اسٽيڊنگ ڪاميٽين، صنعت ۽ پيداوار، مالياتي ۽ اقتصادي معاملن ۽ خوراڪ ۽ زراعت وغيره جو ميمبر رهيو. هو سينيٽ جي انساني حقن واري ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر هو. هو 1997ع تائين سينيٽر رهي چڪو آهي. ان کانسواءِ هو قومي اسيمبلي جي اين. اي-212 نوشهروفيروز-1 تان اين. پي. پي جي پليٽ فارم تان ايم. اين. اي چونڊيو ويو. ڊاڪٽر عبدالغفار قومي اسيمبلي جي مختلف اسٽيڊنگ ڪاميٽين، گهـرو معـاملن، پيٽروليم ۽ قدرتي ذريعن، مـالـي معـاملـن جـو ميـمبـر رهـي چڪو آهي.
ڊاڪٽر عبدالغفار کي باغباني ڪرڻ، شاعري ۽ تاريخ پڙهڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي، هو يورپ، آمريڪا، جپان، آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، چين، انڊيا جا دورا ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي هڪ آئرش خاتون سان شادي ڪئي. هن کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، سندس وڏو پٽ فرهاد زمان به 2002ع ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو آهي، جڏهن ته فيصل زمان ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.07.28  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي نوشهروفيرز جي ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ 28 جولاءِ 1937ع ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

وڪرم شهاڻي
تڳيو چانگ
زهره شيرازي
انڍڙ رفيق احمد
حڪيم ميان شفيع محمد چنا
سيد قاسم محمود
پونم پاسڪل پرمار
حاجي محمد قائم جي مسجد
ترخان مرزا محمد باقي بيگ
شاهه حسين بخاري جو مقبرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون